SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


رجوع پسندي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


رجوع پسندي

Irredentism

اريڊينٽزم

هيءُ بنيادي طور اٽليءَ سان لاڳاپيل نظريو آهي، جيڪو اٽليءَ جي ڪن اٽليائي ٻولي ڳالهائيندڙ علائقن کي زوريءَ آسٽريا ۾ شامل ڪرڻ سان رد عمل طور وجود ۾ آيو. هن نظريي جي وڪيلن آسٽريا طرفان قبض ڪيل اٽليءَ جي علائقن تان کيس بيدخل ڪري، هم زبان هموطنن کي واپس اٽليءَ جو حصو بڻائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. اريڊينٽر اصل ۾ اٽالي لفظ ”اريڊنٽا“ مان نڪتل آهي. جنهن جو مطلب ”ڪنهن به اقليت جو هڪ مُلڪ مان ڌار ٿي ڀر واري مُلڪ جي هم زبان اڪثريت سان شامل ٿيڻ“ وارو آهي. رجوع پسنديءَ جي تحريڪ ارڙهين صديءَ ۾ شروع ٿي ۽ ان بيشمار ڪاميابيون ماڻيون. هن تحريڪ ذريعي ئي آسٽريا ۾ حُڪمران چانسلر ’مئٽرنخ‘ جي رجعت پسند راڄ کي شڪست نصيب ٿي ۽ ٽُڪرا ٽوٽا ٿيل اٽليءَ جو ميلاپ ممڪن ٿيو. جيتوڻيڪ هيءُ اصطلاح اڳ ۾ فقط اٽليءَ جي ايڪي جي حوالي سان استعمال ٿيندو هو، پر اڄڪلهه دُنيا جي ڪنهن به خطي ۾ ٻولي ۽ ثقافت ۾ حصيداريءَ جي بُنياد تي ماڻهن جي ايڪي واري عمل کي به ”اريڊينٽزم“ جي حوالي سان سُڃاتو وڃي ٿو


.


رجوع پسندي بابت وڌيڪ اصطلاح

  • رجوعيت جو نظريو سياسيات- رجوع پسندي

  • Remember Me Also:

    ناميل

    نامِيَلُ جمع نامِيَلَ

    ذ . صفت. نالي وارو، نالي چڙهيل، نام ڪٺيو، ناموَر، ناليرو، ناماچاري، مشهور، نامي گرامي، ڏاٺيل هاڪارو، چنگ چڙهيل.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal